اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ ترقياتي منصوبن تي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ۽ معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ جي 14 گهٽ ترقي يافته علائقن جي سماجي اقتصادي ترقي اسان جو هدف آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ?? سنڌ ترقياتي پلان تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر ۽ محمد حماد اظهر شريڪ ٿيا، وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي پلان جو مقصد 14 ضلعن جي رهواسين کي معاشي ۽ معاشرتي ترقي آهي. وزيراعظم جي لاڳاپيل کاتن کي حيدرآباد کان سکر موٽر وي ۽ بدين، گهوٽڪي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خا??، سانگهڙ ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن جي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ۽ معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي. 444 ارب روپين جو سنڌ ترقياتي پلان 48 پي ايس ڊي پي منصوبن، غير پي ايس ڊي پي 50 ۽ 7 پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن تي مشتمل آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 -2021ع لاءِ ان پلان تحت 26 ترقياتي منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي، 8 وفاقي وزارتن ۽ کاتن کي 16.304 ارب روپين جي منظوري به ڏني وئي آهي، سنڌ ترقياتي پلان ۾ رستن، موٽر وي، هائوسنگ، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، آبي وسيلا، صحت، اعليٰ تعليم، ووڪيشنل ٽريننگ، ڊزاسٽرمينيجمينٽ، ريلوي، توانائي ۽ راندين جي سهولتن جا منصوبا شامل آهن.