اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي ??ي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته صدر پاڪستان عارف علوي جي خاص هدايت تي حڪومت پاڪستان ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم تي مڪمل طور تي عمل ڪري رهي آهي ته جيئن ان ??رض جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي سڃاڻپ جي امڪانن ۾ اضافو ٿي سگهي ڇو ته اهڙي طرح 80 سيڪڙو کان ??ڌيڪ ڪيسن ۾ مڪمل بچاءُ جا امڪان روشن ٿي ويندا آهن. هو شفا انٽرن??شن?? اسپتال ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي.