اسلام آباد – 24 ڊس??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي چ??لينجز جي حل لاءِ مسجدن ۽ عالم سڳورن جي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهم سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن سان لاڳاپيل اسلامي تعليم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ذميدارين ۽ واعدن کي پورو ڪرڻ تي موثر انداز ۾ تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ مذهبي معاملن ۽ بين ال??ذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز شرڪت ڪئي.