پشاور – 28 ڊسمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ??يندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، ??رڪاري اسپتالن ۾ پرڏيهي ملڪن جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج ??ي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ ??ي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.