اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي لاڳو ڪري نيشنل اي??شن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ اسان ج?? عوام ۽ خاص طور تي اسان ج?? ٻارن ج?? صحت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا آهن ج??هن ج?? ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت جي شين مثال طور ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين فصلن ج?? طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪي?? وڃي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ج?? قيمتن ج?? جائزي، پرائس ڪنٽرول، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو.