اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڪرونا وائرس جي منفي اثرن کان ملڪي معيشت کي ممڪن حد تائين محفوظ رکڻ، معاشي سرگرمين جي بنا رڪاوٽ رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ خاص طور تي عام ماڻهو جي لاءِ روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي، ??نهن به ممڪن صورتحال جي ڏس ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ ضرورت جي شين جي وڏ?? مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي شڪايت هرگز برداشت نه ڪئي و??ند?? ۽ شڪايت جي صورت ۾ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو و??ند??. وزيراعظم اها هدايت ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي پوندڙ امڪاني اثرن کا?? بچڻ جي حوالي سان اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.